حاجي محمد رحيم ڪنڀر

حاجي محمد رحيم ڪنڀر: حاجي محمد رحيم ولد جمعو ڪنڀر 1939ع ڌاري ڳوٺ سارلا ضلعي ٻاهڙ ميل (راجسٿان-ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا 1946ع ۾ لڏي هٿونگو (سنڌ) شهر ۾ اچي ويٺا، ان بعد کپري ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائون، ديني تعليم سان گڏ ڇهه درجا سنڌيءَ جا، استاد جيئو گجو ۽ مولوي عبدالله ڪنڀار وٽ، ملان مڪتب اسڪول پٻڻ تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ مان حاصل ڪيائين. عملي ڪم جي شروعات 1960ع کان روزاني اخبار ’خادم وطن‘ جي صحافت سان ڪيائين. ان بعد روزاني ’هلال پاڪستان‘ جو تعلقي رپورٽر ٿيو. اهڙيءَ طرح 2000ع تائين زندگيءَ جا چاليهه سال مختلف سنڌي اخبارن ۾ صحافت ڪيائين، جنهن دوران ڪافي تڪليفن ۽ ڀوڳنائن جو مقابلو به ڪرڻو پيس. 1995ع ۾ سماجي خدمتن، تجربن، تاثراتن ۽ يادگيرين تي مشتمل سندس هڪ ڪتاب ’سگهن سڌ نه سور جي‘. مهراڻ پبليڪيشن ڪراچيءَ شايع ڪيو. حاجي محمد رحيم ڪنڀار، پهرين جولاءِ 2013ع تي کپري ۾ 74 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه کپري لڳ ’قديمي قبرستان‘ ۾ آهي.


لفظ حاجي محمد رحيم ڪنڀرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو